وفاقي آئيني عدالت ۾ اڄ ڪارروائي جو آغاز تلاوتِ ڪلامِ پاڪ سانڪيوويوچيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 5 ڪيس ٻڌي رهيوآهي।تفصيل موجب وفاقي آئيني عدالت باقاعدي طور ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي،۽ چيف جسٽس امين الدين خان عدالت لاءِ ٽئي بينچ تشڪيل ڏنا آهن بينچ ونچيف جسٽس امين الدين خانجسٽس علي باقر نجفيجسٽس ارشد حسينشاههبينچ ٽو:جسٽس حسن اظهر رضويجسٽس ڪي ڪي آغابينچ ٿري:جسٽس عامر فاروقجسٽس روزي خانٻئي پاسي آئيني عدالت جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلڊنگ ۾ منتقلي جو عمل به جاري آهي۔ هاءِ ڪورٽ جي ڪورٽ 2 ۾ وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي عدالت قائم ڪري ڇڏي وئي آهي، ۽ ڪورٽ ٻه جي ٻاهران چيف جسٽس امين الدين خان جي نالي جي تختي لڳائي وئي آهياسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر بدستور ڪورٽ نمبر ون ۾ ئي سماعت ڪندا۔عدالتي ڪمرن جي منتقلي سبب جسٽس محسن اختر کياني، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس خادم حسين سومرو جون عدالتون نون هنڌن تي منتقل ٿي رهيون آهن۔ جڏهن ته جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس خادم حسين سومرو جي اڄ جي ڪاز لسٽ منسوخ ڪئي وئي آهي۔