تھانا بيسيه خيل جي حدن ۾ بارودي مواد نصب ڪرڻ دوران اوچتو ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ هڪ دهشتگرد هلاک ٿي ويوڊي آءِ جي بنوں ريجن سجاد خان چيو ته دهشتگرد دوا غاڙه پل تي پوليس لاءِ آءِ اي ڊي نصب ڪري رهيو هو ته اوچتوڌماڪو ٿي پيو ۽ هو پاڻ ئي نشانو بڻجي ويو۔سجاد خان موجب 8 کان 10 ڪلو بارودي مواد تي ٻڌل آءِ اي ڊي پوليس کي نشانو بڻائڻ لاءِ تيار ڪئي پئي وئي۔ان کان اڳ هفتي تي پوليس ۽ شهرين گڏجي لڪي بائونڊري تي آپريشن ڪيو جنهن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا۔ آپريشن جي اڳواڻي ڊي آءِ جي سجاد خان پاڻ ڪئي۔سجاد خان ٻڌايو ته عوام دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس سان ڪلهو ڪلهي سان گڏ بيٺل آهي ۽ هي اتحاد اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ هن واعدو ڪيو ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ عوامي طاقت سان دهشتگردن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندوان کان اڳ لڪي مروت ۽ بنوں جي سرحدي علائقي شيخ لنڊڪ ۾ مقامي قبيلن ۽ دهشتگردن ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ پوليس ۽ قبيلن جي فائرنگ سان 4 مبينا دهشتگرد مارجي ويا۔ٽئي ڏينهن اڳ سي ٽي ڊي بنوں انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران فتنہ الخوارج جا ٻه انتهائي مطلوب ٽارگيٽ کلرز ماريا هئا، جڏهنتہ انهن جا ٻه ساٿي فرار ٿي ويا هئا۔
