خيبر پختونخوا ۾ ٻن آءِ بي او آپريشنن دوران 15 خارجي هلاک

خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز فتنۂ خوارج خلاف ٻن اهم انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران 15 خارجي ماريا آهنآئي ايس پي آر موجب 15 ۽ 16 نومبر دوران ڊيره اسماعيل خان ۽ اتر وزيرستان ۾ ٻه الڳ آپريشن ڪيا ويا، جن ۾ ڀارتيپراڪسي فتنۂ خوارج سان لاڳاپيل 15 دهشتگرد هلاک ٿيا۔آئي ايس پي آر بيان ۾ چيو ته خوارجن جي موجودگي جي اطلاع تي ضلع ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران اثرائتي ڪارروائي ۾ خوارجن جو سرغنو عالم محسود سميت 10 خارجي ماريا ويا۔سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي دتہ خيل ۾ ٻئي آپريشن دوران وڌيڪ 5 خارجي ختم ڪيا۔ترجمان جو چوڻ هو ته علائقي ۾ ممڪن هندستاني سرپرستيءَ وارن خوارجن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشنز جاري آهن۔ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا “عزمِ استحڪام” جي تحت دهشتگردي خلاف مهم جاري رکيا پيا وڃن، ته جيئن غير ملڪي سهائتا يافته دهشتگردي کي ختم ڪري وطن کي محفوظ بڻايو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو