وزيرِ مملکت قانون و انصاف بيرسٽر عقیل ملک چيو آهي ته 28هين آئيني ترميم اپريل کان اڳ اچي ويندي ۽ ان جوسڌو تعلق وفاقي بجيٽ سان آهي۔اي آر وائي نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته مڪمل اتفاقِ راءِ پيدا ڪري 28هين ميم پيش ڪئي ويندي۔ اين ايف سي، آرٽيڪل 140-اي ۽ ٻين سمورن اهم معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ضروري آهي۔ڏهن ڳالهين جو سلسلو شروع ٿيندو ته ٻن کان چار مهينن ۾ ترميم تيار ٿي سگھي ٿي۔بيرسٽر عقیل ملڪ چيو ته 28ين ترميم بجيٽ کان اڳ تيار ڪرڻ لازمي آهي، ڇوتہ ان جو بجيٽ سان سڌو لاڳاپو آهي۔انهن چيو ته بلدياتي قانون بابت اسان هميشه واضح مؤقف رکيو آهي۔ بلدياتي نظام ۾ ترميمناگزيرآهي۽مقاميحڪومتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي۔ شخصي راءِ ڏيندي هن چيو ته بلدياتي چونڊون غيرجماعتي بنيادن تي نه ٿيڻ گھرجن۔ ايم ڪيو ايم سان جيڪي معاملا طئي ٿيا آهن، اهي به بجيٽ کان اڳ طئي ڪرڻا آهن۔وزيرِ مملکت واضح ڪيو ته ججن جو استعيفو ڏيڻ انهن جو آئيني حق آهي، مون کي نه ٿو لڳي ته ڪا تحريڪ هلندي۔ في الحال اهڙا آثار به نظر نٿا اچن۔ وفاقي آئيني عدالت قائم ٿي وئي آهي، اڄ ٽن فيصلا به جاري ٿيا، ۽ ڪيسن جو بئڪ لاگ آهستي آهستي ختم ٿيڻ شروع ٿي ويندو۔هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سياستدانن لاءِ ٻٽي شهريت جي اجازت ناهي ته بيوروڪريٽس لاءِ به نه هئڻ گھرجي، البت ٻٽي شهريت بابت تجويز تي اسان جي وڏي اتحادي جماعت اتفاق نه ڪيو۔
