ٽرمپ جي وڏي دعويٰ پاڪستان ۽ ڀارت ايٽمي هٿيار ڪڍڻ وارا هئا مون مداخلت ڪري جنگ روڪائي

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ جي ويجھو پهچي ويا هئا، پر هن جي بروقت مداخلت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڏي تباهي واري جنگ روڪائي ڇڏي।تفصيل موجب آمريڪي سعودي سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته هو امن لاءِ تاريخي قدم کڻي رهيا آهن ۽ اڄ تائين 8 وڏيون جنگيون رڪيوائي chukyo ahin. ٽرمپ چيو ته هڪ ٻي جنگ به روڪڻي آهي، جيڪاسندس مطابق مشڪل نه آهي۔ هن چيو ته صدر پيٽن سان سندس لاڳاپا سٺا آهن پر ڪجهه ڳالهين تي مایوسي به ٿي۔ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته هو عالمي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۾ ماھر آهي ۽ پاڪستان–ڀارت تڪرار به سندس مداخلت سبب ختم ٿيو۔ هن چيو ته ٻنهي ايٽمي قوتن ايٽمي هٿيار ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا پر هن سخت خبردار ڪندي صورتحال کيڪنٽرول ڪيو।ٽرمپ موجب، هن پاڪستان ۽ ڀارت کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن جنگ ٿي ته آمريڪا ٻنهي ملڪن تي 350 سيڪڙو ٽيرف هڻي ڇڏيندو۔ هن چيو ته سندس سخت مؤقف کان پوءِ ٻنهي ملڪن جنگ کان پري هٽڻ جو فيصلو ڪيو۔هن وڌيڪ چيو ته “مون ٻنهي ملڪن کي ٻڌايو ته جيڪڏهن جنگ ٿيندي ته تجارت نه هلندي، مان لکين ماڻهو مرڻ نه ڏيندس ۽ نه ٿو چاهيان ته ايٽمي ڌماڪن جو اثر لاس اينجلس تائين پهچي।”ٽرمپ جو چوڻ هو ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف مون کي فون ڪري جنگ روڪڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته توھان لکين ماڻهن جون زندگيون بچايون۔ هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي به فون ڪري چيو ته هو جنگ روڪڻ لاءِ تيار آهي ۽ پاڪستان سان جنگ نه ڪندو۔

پنھنجي راءِ لکو