اسلام آباد: حڪومتي اعتراض باوجود پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ محمود خان اچکزئي جو نالو برقرار رکڻ جو واضح فيصلو ڪري ڇڏيو آهي۔تفصيل موجب حڪومت محمود اچکزئي جو نالو اپوزيشن ليڊر لاءِ موڪلڻ تي اعتراض ڪندي چيف وهِيپ عامر ڊوگر کي سرڪاري خط موڪلي ڇڏيو۔پر پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اهو فيصلو ڪيو آهي ته اپوزيشن ليڊر لاءِ محمود خان اچکزئي جو نالو نه بدلايو ويندو۔چيف وهِيپ عامر ڊوگر چيو ته باني پي ٽي آءِ سان صلاح مشوري بعد اهو نالو ڏنو ويو هو، تنهنڪري ٻيهر مشاورت جي ڪا ضرورت ناهي۔عامر ڊوگر واضع ڪيو ته محمود اچکزئي آئيني طور تي قومي اسيمبلي جا ميمبر آهن، تنهنڪري انهن جي نالي تي اعتراض ڪرڻ جو ڪو به جواز موجود ناهي۔هن ٻڌايو ته اپوزيشن ليڊر جي سيٽ ٻن مهينن کان خالي هئي، ۽ ان دوران 27 هين ترميم به پاس ٿي وئي، جڏهن ته اها پي ٽي آءِ جو آئيني حق آهي ۽ حڪومت کي هاڻي دير نه ڪرڻ گهرجي۔عامر ڊوگر وڌيڪ چيو ته بيرسٽر گوهر سان صلاح مشوري بعد قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي خط جو جواب موڪليو ويندو، پر فيصلو برقرار آهي اپوزيشن ليڊر لاءِ نالو بدنام ڪيو نه ويندو۔
