بنگلاديش ۾ 5.7 شدت جي زلزلي ماڻهن ۾ شديد خوف و هراس پکيڙي ڇڏيو، جڏهن ته ڊھاکا ۽ ٻين شهرن ۾ عمارتون لوڏي پيون۔پرڏيهي ميڊيا موجب دارالحکومت ڊھاکا سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا تيز جھٽڪا محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته ڪولڪته ۽ اوڀر ڀارت جي ڪيترن علائقن ۾ به زلزلو محسوس ڪيو ويو۔بنگلاديش موسميات کاتي مطابق زلزلو مقامي وقت موجب صبح 10:38 وڳي آيو، جنهن جو مرڪز نرسنگدي ضلعو هو، جيڪو ڊھاکا کان لڳ ڀڳ 50 ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف واقع آهي۔ زلزلي جي گہرائي 10 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي۔زلزلي سبب ماڻهن ۾ شديد بي چيني پکڙجي وئي، شهري گھڻو انگ ۾ گهرن ۽ آفيسن کان ٻاهر نڪري آيا۔ابتدائي رپورٽن مطابق ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي ڪا سڌ نه ملي آهي۔ان کان اڳ ميانمار ۾ به 3.5 شدت جو زلزلو محسوس ڪيو ويو، جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف ڇانئجي ويو۔نیشنل سينٽر فار سيسمولاجي (NCS) مطابق زلزلي جي گہرائي 10 ڪلوميٽر هئي، جنهن کان پوءِ آفٽر شاڪس اچڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي۔اداري ٻڌايو ته گهٽ گہرائي وارا زلزلا وڌيڪ سنگين هوندا آهن، ڇو ته انهن جي توانائي تيزيءَ سان سطح تائين پهچي نقصان جو سبب بڻجي ٿي۔ياد رهي ته 14 نومبر تي به علائقي ۾ 3.9 شدت جو زلزلو 35 ڪلوميٽر گہرائي ۾ آيو هو۔ٻئي پاسي، جاپان ۾ 6.9 شدت جي زلزلي بعد جاري ڪيل سونامي وارننگ واپس وٺي وئي آهي
