بي آءِ ايس پي رجسٽرڊ شھري لاءِ خبردار موبائل ڪالز ۽ ايس ايم ايس ۾ ڌوڪيبازي کان بچو

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) پنهنجي رجسٽرڊ شھري لاءِ اهم انتباہ جاري ڪيو آهي. پروگرام چيو آهي ته موبائل تي موصول ٿيندڙ اهڙا ايس ايم ايس يا فون ڪالز جن ۾ رقم جي ادائيگي يا ذاتي معلومات ڏيڻ جو مطالبو هجي، اهي ڌوڪيبازي آهن BISP جا سڀئي پيغامات صرف 8171 نمبر مان ايندا آهن، ڪنهن ٻئي نمبر تي اعتماد نه ڪريو۔رجسٽرڊ شھري اهڙا مشڪوڪ پيغامات يا ڪالز جي جواب نه ڏين BISP سوشل پروٽيڪشن والٽس ذريعي رقم جي ادائيگي جو نئون نظام متعارف ڪرايو، جيڪو ادائيگين کي شفاف ۽ آسان بڻائيندو۔ چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد موجب، سوشل پروٽيڪشن والٽس تحت رجسٽرڊ عورتن کي مفت سم ڪارڊ فراهم ڪيا ويندا۔ عورتون پنهنجو اصلي سڃاڻپ ڪارڊ ۽موبائل فون سان ويجھو BISP آفيس يا ڪيمپ ۾ وڃن، جتي بائيو ميٽرڪ تصديق کانپوءِ انهن کي مفت سم ڏني ويندي۔هن سم ذريعي سوشل پروٽيڪشن والٽ فعال ٿيندي ۽ مستقبل ۾ سڀئي ادائيگيون انهي نظام ذريعي ڪيون وينديون۔چيئرپرسن زور ڏنو ته سم يا والٽس لاءِ ڪنهن کي پئسا نه ڏنا وڃن ۽ صرف BISP جي تصديق ٿيل ذريعن سان رابطو ڪيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو