دبئي ايئرشو ۾ ڀارتي جنگي جهاز تيجس حادثي جو شڪار پائلٽ جي حالت اڃا غير واضح

دبئي ايئرشو ۾ ڀارتي فضائيه کي هڪ ٻيو شرمناک واقعو پيش آيو، جڏهن ان جو جنگي جهاز تيجس مظاهري دوران ڪري تباهه ٿي ويو. حکام موجب جهاز ۾ فني خرابي هئي، باوجود ان جي پرواز ڪئي وئي.حادثو مقامي وقت موجب ٻه پي ايم 10 منٽ تي پيش آيو.جهاز هوائي اڏو جي ويجهو مظاهري دوران ڪري تباهه ٿيو، جنهن کان پوءِ ڪاري ڌوئين اُڀرندي ڏٺي وئي ۽ ناظرين ۾ خوف و هراس پيدا ٿيو.ڀارتي ميڊيا ۽ سرڪاري خبر رساں ادارن هڪ وڊيو پڻ جاري ڪئي، پر پائلٽ جي زندہ يا مئل هجڻ جي تصديق اڃا نه ٿي آهي.هنگامي ٽيمون حادثي واري هنڌ تي پهچي ويون آهن، جڏهن ته ڀارتي حڪام وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا آهن.حادثي جو سبب فني خرابي قرار ڏنو ويو آهي.

پنھنجي راءِ لکو