وزيراعظم شهباز شريف پاران پي آئي اي جي نجڪاري جا مرحلا تيز ۽ شفاف نموني مڪمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد وزيراعظم شهباز شريف پي آئي اي جي نجڪاري عمل کي تيز رفتاري ۽ مڪمل شفافيت سان مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.تفصيل موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز (پي آئي اي) بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير خواجه آصف، اعظم نذير تارڙ، محمد اورنگزيب ۽ ٻين متعلقہ اختيارين شرڪت ڪئي.اجلاس دوران پي آئي اي جي نجڪاري، بزنس پلان ۽ فلائٽ آپريشنز جي بهتري بابت تفصيلي بريفنگ پيش ڪئي وئي.وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي آئي اي جي نجڪاري جا سڀ مرحلا تيز رفتاري سان مڪمل ڪيا وڃن ۽ سموري ڪارروائي مڪمل شفافيت سان ڪئي وڃي.ان موقعي تي وزيراعظم قابل پرواز جهازن ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ ۽ پروازن جي وقت سر روانگي کي يقيني بڻائڻ جو پڻ حڪم ڏنو.اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي آئي اي جا 75 سيڪڙو شيئرز نجڪاري تحت وڪرو ڪيا ويندا، جڏهن ته ايئرلائن جو نالو ۽ ٿيم تبديل نه ڪيو ويندو. نجڪاري لاءِ چار پارٽيون اڳ ۾ ئي پري–ڪوالي فائي ٿي چڪيون آهن ۽ جلد بڊنگ جو عمل شروع ڪيو ويندو.بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پي آئي اي وٽ هن وقت 18 قابل پرواز طيارا آهن، جن کي 2029 تائين وڌائي 38 طيارا ڪرڻ جو منصوبو آهي.قومي ايئرلائن هن وقت 30 کان وڌيڪ شهرن تائين فلائٽس هلائي رهي آهي، جيڪا 2029 تائين وڌائي 40 کان وڌيڪ شهرن تائين ڪئي ويندي.

پنھنجي راءِ لکو