پي آءِ اي جو هڪ ٻيو فضائي ميزبان ڪئناڊا ۾ گم انتظاميا جاچ شروع ڪري ڇڏي

قومي ايئر لائن پي آءِ اي جو هڪ ٻيو فضائي ميزبان ڪئناڊا ۾ مبينا طور گم ٿي ويو آهي۔ سينيئر فلائيٽ پرسر آصف نجم 16 نومبر تي لاهور کان ٽورنٽو ويندڙ پرواز تي روانو ٿيو هو ۽ 19 نومبر تي واپس لاهور پهچڻو هو، پر هوٽل مان اوچتو غائب ٿي ويو۔انتظاميا موجب آصف نجم واپسي واري پرواز PK-798 تي رپورٽ نه ڪئي ۽ رابطو ڪرڻ تي صحت جي ناسازي جو عذر پيش ڪيو، پر پوءِ هو مڪمل طور تي لاپتا ٿي ويو۔پي آءِ اي جي نجيڪاري بابت خدشن سبب ملازمن ۾ بيچيني وڌي رهي آهي ۽ پرڏيهي فلائٽن تي عملي جي گم ٿيڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن۔ترجمان ٻڌايو ته معاملي جي جاچ هلي رهي آهي ۽ جيڪڏهن اهو ثابت ٿيو ته فضائي ميزبان غيرقانوني طور غائب ٿيو آهي ته سندس خلاف سخت محڪمانه ڪارروائي ڪئي ويندي۔انتظاميا آصف نجم جي گمشدگي بابت ٽورنٽو پوليس کي پڻ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو