ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪندڙن لاءِ وڏي خبر، پنجاب ٽريفڪ پوليس ڊرائيونگ ٽيسٽ جي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) گاڏيون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن جو مقصد ٽيسٽ جي دوران شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ ڪرپشن ختم ڪرڻ آهي۔32 AI پاورڊ گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ سمري صوبائي حڪومت کي موڪلي وئي آهي۔انهن گاڏين ۾ سنسرز، هاءِ ريزولوشن ڪيمرائون ۽ جديد پروسيسر لڳايا ويندا جيڪي ٽيسٽ جي مڪمل عمل کي ريئل ٽائيم مانيٽر ڪندا.هر گاڏي ۾ سسٽم جي تنصيب تي لڳ ڀڳ 6 لک روپيا خرچ ايندو، جڏهن ته مجموعي خرچ 160 ملين روپين کان وڌيڪ ٿيندو.شروعاتي طور تي ٻه AI گاڏيون لاهور ۾ تجربي طور ٽيسٽ ڪيون ويون آهن۔منصوبي جو دائرو مستقبل ۾ ٻين وڏن شهرن تائين وڌايو ويندو۔نئين نظام تحت ڊرائيونگ ٽيسٽ جا نتيجا مڪمل طور پاڻمرادو ٿيندا، جنهن سان نااهل اميدوار لاءِ لائسنس حاصل ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويندوAI گاڏيون ڊسمبر تائين مڪمل فعال ڪيون وينديون۔
