سوني جي درآمد ۽ برآمد تي پابندي ختم، عالمي واپار بابت معطل ڪيل ايس آر او بحال

وفاقي حڪومت سوني جي درآمد ۽ برآمد تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي، جنهن بابت وزارتِ تجارت باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي۔نوٽيفڪيشن موجب سوني جي عالمي تجارت بابت معطل ٿيل ايس آر او ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي۔حڪومت قيمتي ڌاتن ۽ زيورن جي درآمد ۽ برآمد جي موجوده فريم ورڪ کي برقرار رکندي ڪجهه ترميمون به ڪيون آهن، جڏهن ته فريم ورڪ شفافيت ۽ خودڪار نظام سان اڳ وانگر جاري رهندو۔ياد رهي ته هن سال مئي 2025 ۾ سوني جي اسمگلنگ بابت شڪايتن کان پوءِ، حڪومت درآمد ۽ برآمد تي پابندي لاڳو ڪئي هئي۔
ذريعن مطابق تازن مهينن ۾ سوني جي اسمگلنگ جي ڪا به شڪايت سامهون نه آئي، جنهن بنياد تي پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔وفاقي ڪابينه طرفان پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري پهرين ئي ڏني وئي هئي، جنهن تي هاڻي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي۔ماهرن جو چوڻ آهي ته هن فيصلي سان تجارتي سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي، قانوني واپار ٻيهر متحرڪ ٿيندو ۽ عالمي مارڪيٽ سان ڳنڍيل سيڙپڪارن لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا۔

پنھنجي راءِ لکو