سکر ۾ ٻه ڏينهن ڊيڪليمشن مباحثو ۽ ڊرائنگ مقابلو شاگردن بي ايمانداري خلاف پيغام ڏنو

سکر پيپلز پرائمري اسڪول سکر ۾ 18 ۽ 19 نومبر 2025 تي ٻه ڏينهن ڊيڪليمشن مباحثو ۽ ڊرائنگ مقابلو منعقد ٿيو جنهن ۾ SEF جي سهڪار سان سکر جي پنجن تعلقن جي اسڪولن جا شاگرد وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ان سال مقابلي جو موضوع “Say No to Corruption”(بي ايمانداري کي نه چئو) رکيو ويو، جنهن تحت شاگردن پنهنجي تقريرن ۽ ڊرائنگز وسيلي بي ايمانداري خلاف مضبوط پيغام ڏنو۔ پروگرام جو مقصد شاگردن کي فنونِ لطيفه جي سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ، انهن جي تخليقي صلاحيتن کي اُجاگر ڪرڻ، ۽ انهن جي اعتماد، اظهارِ خيال ۽ شعور ۾ اضافو ڪرڻ هو۔استادن، اسڪول سربراهه ۽ ڪميونٽي نمائندن هن مثبت اقدام کي ساراهيو ۽ چيو ته اهڙيون سرگرميون شاگردن جي شخصيت، سوچ، رابطي ۽ فني مهارتن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون۔ تقريب جا خاص مهمان سکر جي ريجنل هيڊ مقبول احمد لغاري، ضلعي آفيسر اياز حسين انصاري، پروفيسر غلام حسين منگهڻار ۽ پروفيسر عطا الله سميجو هئا آخر ۾ شاگردن کي سندن شرڪت ۽ بهترين ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊ سان نوازيو ويو۔

پنھنجي راءِ لکو