پاڪستان آءِ ايم ايف جو مطالبو مڃي ورتو گذريل 10 سالن جي سپليمينٽري گرانٽس جو خاص آڊٽ ڪرائڻ تي اتفاق

پاڪستان بين الاقوامي مالي فنڊ (IMF) جي گذريل 10 سالن جي سپليمينٽري گرانٽس جو خاص آڊٽ ڪرائڻ جو مطالبو مڃي ورتو آهي. وزارت خزانه مطابق پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ 10 ڏينهن تي ٻڌل ٽيڪنيڪل ڳالهين جو سلسلو مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ پبلڪ فنانس مينيجمينٽ ۽ بجيٽ پروسيس ۾ سڌارن تي تفصيل سان ڳالهيون ڪيون ويون.ذريعن موجب ڳالهين دوران ٻنهي ڌرين ڪيترن اهم نقطن تي اتفاق ڪيو. پاڪستان گذريل ڏهاڪي دوران جاري ڪيل سپليمينٽري گرانٽس جو اسپيشل آڊٽ ڪرائڻ تي راضي ٿي ويو آهي، جڏهن⁠ته آءِ ايم ايف سپليمينٽري گرانٽس جي جاري ٿيڻ ۾ وفاقي حڪومت جا اختيار محدود ڪرڻ وارا مطالبا به قبول ڪري ورتا آهن۔وزارت خزانه جي ذريعن ٻڌايو ته پبلڪ فنانس مينيجمينٽ، بجيٽ پروسيس ۾ تبديلي ۽ هدفن جي نگراني بابت به مشاورت ڪئي وئي. ان دوران ڊيجيٽل پبلڪ فنانس مينيجمينٽ اسيسمينٽ جو جائزو به ورتو ويو، جنهن جو مقصد بجيٽ جي عمل کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ آهي۔فيصلو ڪيو ويو آهي ته سپليمينٽري گرانٽس جي ميڪنيزم، شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ لاءِ آڊيٽر جنرل خاص آڊٽ ڪندو. جڏهن⁠ته ايندڙ بجيٽ کان اڳ پبلڪ فنانس مينيجمينٽ ايڪٽ ۾ ڪجهه ترميمن تي به اتفاق ڪيو ويو آهي۔آءِ ايم ايف جو ٽيڪنيڪل مشن 11 نومبر تي پاڪستان آيو هو، جنهن جو مقصد بجيٽ پروسيس ۾ هدفن تي عملدرآمد ۽ پبلڪ فنانس مينيجمينٽ سسٽم کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ هو۔ذريعن موجب اها ڳالهه ٻولهه پاڪستان جي مالي شفافيت، بجيٽ منصوبي ۽ سڌارن جي عمل ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جنهن سان ايندڙ بجيٽ وڌيڪ شفاف ۽ مضبوط فنانس مينيجمينٽ تحت تيار ٿي سگهندي۔

پنھنجي راءِ لکو