کوہستان ڪرپشن اسڪينڊل ملزمان نيپ کي 15 ارب کان وڌيڪ جي پلي بارگين درخواستون ڏئي ويون

کوہستان ڪرپشن اسڪينڊل ۾ گرفتار ملزمان نيپ کي 15 ارب کان وڌيڪ جي پلي بارگين (معاهدي) جون درخواستون ڏئي ويون آهن. نيپ ذريعن موجب درخواستن جو جائزو وٺڻ لاءِ خيبر پختونخوا ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس 28 نومبر تي ٿيندو۔درخواستن ۾ ملزمان جا بينڪ اڪائونٽ، جائيدادون، گاڏيون، سونا ۽ نقدي ظاهر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪجهه جائيدادون رشتيدارن جي نالي تي پڻ آهن۔ملزمان ۾ نيشل بينڪ ڪيشئر رياض، ڪنٽريڪٽر ايوب ۽ ممتاز شامل آهن. درخواستون ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري بعد نيپ چيئرمين کي موڪليون وينديون۔ياد رهي ته نيپ پشاور گذريل اکتوبر ۾ کوہستان مالياتي اسڪينڊل جي مرڪزي ملزم قيصر اقبال جي گهر تي ڇاپو هڻي 20 ڪروڙ روپيا نقد برآمد ڪري چڪو آهي. برآمد ڪيل رقم پينٽ جي ڊٻن ۾ لڪائي وئي هئي، جڏهن ته کارروائي ملزم جي گرفتار ٿيل زال جي نشاندهي تي عمل ۾ آئي۔قيصر اقبال ۽ سندس زال تي 34 ارب روپين جي غبن جا الزام آهن، جڏهن ته نيپ اڳ ۾ ئي 14 ارب روپيا برآمد ڪري چڪو آهي۔ احتساب عدالت طرفان ٻنهي کي ايبٽ آباد کان گرفتار ڪري ٽن ڏينهن لاءِ جسماني ريمانڊ تي نيپ جي حواله ڪيو ويو آهي۔ اسڪينڊل ۾ هاڻي تائين 20 کان وڌيڪ ملزمان گرفتار ٿي چڪا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو