پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو سولر پينل درآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو

پاڪستان تيزي سان سولر توانائي ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي، جنهن سبب ملڪ دنيا جو ٽيون وڏو سولر پينل درآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو آهي. ماهرن موجب ايندڙ سال 2026 ۾ لاہور، فيصلآباد ۽ سيالڪوٽ جهڙن وڏن شهرن ۾ پهريون ڀيرو “منفي طلب” پيدا ٿي سگهي ٿي، يعني ماڻهو گرڊ مان بجلي وٺڻ بدران پنهنجي ڇت تي لڳل سولر پينلز ذريعي وڌيڪ بجلي پيدا ڪري واپس گرڊ ۾ شامل ڪندا.سرڪاري آفيسر عائشه مورياڻي رائٽرز کي ٻڌايو ته مهانگي بجلي ۽ لوڊشيڊنگ کان تنگ اچي ماڻهو وڏي تعداد ۾ سولر لڳائي رهيا آهن، جنهن سبب بجلي ڪمپنين جي آمدني گهٽجڻ سان گڏ انهن جي قرضن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي.حڪومت طرفان نيون پاليسيون تيار ٿي رهيون آهن، جن تحت سولر استعمال ڪندڙ گهرن ۽ ڪارخانن کي به گرڊ جي سار سنڀال واري خرچ ۾ حصو ڏيڻ لازمي قرار ڏنو ويندو.شمسي ماهرن موجب سخت گرمي ۾ سولر پينلز جي ڪارڪردگي گهٽ ٿي ويندي آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي قطر سان ٿيل مهانگي ايل اين جي معاهدن ۾ به گهٽتائي آڻڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ⁠تہ سولر ذريعي بجلي هاڻي وڌيڪ سستي پئجي رهي آهي.

پنھنجي راءِ لکو