پشاور آءِ جي خيبر پختونخوا ذوالفقار حميد چيو آهي ته ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي وڏي حد تائين ٽريس ڪيو ويو آهي ۽ جنهن علائقي مان اهي آيا هئا، اتي به جلد پهچي وينداسين۔ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي ٻڌايو ته ايف سي هيڊڪوارٽر تي خودڪش حملي لاءِ ٽه دهشتگرد آيا هئا، جن کي ايف سي اهلڪارن فوري ردعمل ڏيکاري ماريو۔آءِ جي مطابق حملاور افغاني شهري هئا ۽ تحقيقات ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي۔ دهشتگردن جا فنگرپرنٽ نادرا ڏانهن موڪليا ويا آهن ۽ بي ڊي ايس جي ورتل تصويرن تي به وڌيڪ جاچ جاري آهي۔هن چيو ته دهشتگردن جو مڪمل ٽريڪ معلوم ڪيو پيو وڃي ۽ سموري شهر جي سي سي ٽي وي فوٽيج به حاصل ڪئي وئي آهي۔ جنهن علائقي مان دهشتگرد آيا هئا، اتي به ٽيمون پهچي رهيون آهن ته جيئن پورو نيٽ ورڪ سامهون اچي سگهي۔آءِ جي وڌيڪ ٻڌايو ته دهشتگردن جي استعمال ٿيل موٽر سائيڪل تحويل ۾ وٺي وئي آهي ۽ سڀني شواهد تي وڌيڪ تحقيقات جاري آهن
واقعي بابت سي ٽي ڊي ۽ خاص ٽيمون جاچ ڪري رهيون آهن، جڏهنته پوليس جي بروقت ريسپانس سبب وڏو نقصان ٿيڻ کان بچايو ويو۔آءِ جي ذوالفقار حميد چيو ته هن سال دهشتگرد حملن ۾ واڌ آئي آهي پر سيڪيورٽي ادارن انهن کي ناڪام بڻايو آهي ۽ ڪيترن ضلعن کي جديد هٿيار فراهم ڪري رهيا آهيون ته جيئن مستقبل ۾ سيڪيورٽي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي۔
