سکر سنڌ ريزرو پوليس ۾ ضابطن جي ابتڙ ڪيل مبينه ڀرتين خلاف داخل درخواستن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ڌڻي ٿي، جتي عدالت آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي 9 ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو۔تفصيل موجب خيرپور، سکر، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو ضلعن جي متاثر ٿيل اميدوارن جاويد علي شر عبدالجبار سانگي دهن بخش نصيراني، آصف ابڙو ۽ ٻين—طرفان درخواستون داخل ڪيون ويون هيون۔درخواستگذارن جي وڪيل عالم شير بوزدار عدالت کي ٻڌايو ته 2018 ۾ سنڌ ريزرو پوليس ۾ ڪانسٽيبل ڀرتين لاءِ اشتہار جاري ٿيو، جنهن تحت لکيل ٽيسٽ، فزيڪل ٽيسٽ ۽ زباني انٽرويو ورتا ويا۔وڪيل جو چوڻ هو ته ڀرتي پاليسي جي خلاف ورزي ڪندي ڪجهه پسنديده اميدوارن کي والدين جي 25 سالن خدمتن جي بنياد تي 15 اضافي نمبر ڏنا ويا، جڏهنته اشتہار ۾ اهڙي ڪنهن به رعايت جو ذڪر نه هو۔انهن موجب اهو عمل شفافيت خلاف ۽ باصلاحيت اميدوارن سان ناانصافي آهيعدالت دليلن کان پوءِ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين ڌرين کي 9 ڊسمبر تي طلب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي۔
