سکر بئراج وٽ تيز رفتار ٽريلر لوڊر ڪارگو سان زوردار ٽڪرائي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڀنگر برادري جا ٻه نوجوان سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ مور ڀنگر ۽ سندس ساٿي شامل آهن، جيڪي پريالوءِ کان سکر جي ڪيلا مارڪيٽ ۾ مال وڪري لاءِ وڃي رهيا هئا.حادثي کان پوءِ مقامي ماڻهن ٻنهي زخمين کي فوري طور سول اسپتال سکر منتقل ڪيو، جتي مور ڀنگر جو علاج جاري آهي. پوليس موجب ٽريلر جو ڊرائيور حادثي کان پوءِ موقعي تان فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي پوليس وڌيڪ ٻڌايو آهي ته واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ذميوارن خلاف قانوني قدم کنيا ويندا
