قديم سرڪاري گھر ڊاهي گرائونڊ پلس ٽو عمارتون ٺاهڻ جي تجويز شروعاتي ڊرافٽ تيار

اسلام آباد قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي براءِ هائوسنگ اينڊ ورڪس جي اجلاس ۾ قديم سرڪاري گهر ڊاهي انهن جي جاءِ تي گرائونڊ پلس ٽو نيون عمارتون تعمير ڪرڻ جي تجويز تي تفصيلي غور ڪيو ويو، جنهن لاءِ شروعاتي ڊرافٽ به تيار ڪيو ويو آهي۔اجلاس ۾ وزارتِ هائوسنگ جي اختيارين بريفنگ ڏني ته وڏن سرڪاري گهرن جي جاءِ تي وڌيڪ يونٽس ٺاهڻ جو منصوبو تيار ٿي رهيو آهي، پر ڊرافٽ کي حتمي صورت ڏيڻ اڃا رهيل آهي۔ اختيارين ٻڌايو ته 1995 کان سرڪاري هائوسنگ تي پابندي سبب رهائشي بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، ۽ سيڪٽر I-12 ۽ I-16 جا مسئلا پڻ اڃا تائين حل طلب آهن۔اجلاس ۾ سرڪاري ادارن جا اڌورا منصوبا به زير بحث آيا۔ ڪميٽي ميمبر عاقيل انجم چيو ته مسئلو هڪ منصوبي جو ناهي پر سڄي سرڪاري نظام جو آهي، مختلف ادارن طرفان ڪيل واعدا ۽ ڪميٽنٽس پورو نه ٿيڻ وڏو چيلنج بڻجي ويو آهي۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته ريلوَي، سي ڊي اي ۽ ٻين کاتن جا ڪيترائي منصوبا به رڪيل آهن۔ٻئي پاسي پارلياماني ڪميٽي پشاور هائوسنگ پروجيڪٽ جو دورو پڻ ڪيو۔ وزارت موجب پشاور جو 2019-20 ۾ شروع ٿيندڙ منصوو هاڻي فعال ٿي چڪو آهي، جڏھن ته فيڊرل ايمپلائيز هائوسنگ پروجيڪٽ ۾ به ڪم جاري آهي۔ اختيارين جو چوڻ هو ته منصوبن جي الاٽمينٽ اليڪٽرانڪ بيلٽنگ ذريعي ڪئي ويندي۔

پنھنجي راءِ لکو