اسلام آباد: وفاقي آئيني عدالت گٽڪو ايڪٽ خلاف داخل ڪيل درخواست کي رد ڪندي چئي ڇڏيو آهي ته گٽڪو انساني صحت لاءِ نهايت خطرناڪ آهي۔ٻه رڪني بئنچ، جنهن جي سربراهي جسٽس حسن رضوي ڪري رهيا هئا، ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته گٽڪو سگرٽ کان به وڌيڪ نقصانڪار آهي ۽ هن سبب وات جي ڪينسر جا ڪيس وڌي رهيا آهن۔جسٽس حسن رضوي وڌيڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته گٽڪو سڙيل ڇالين مان تيار ڪيو وڃي ٿو، جنهن جا اثر انتهائي تباهه ڪندڙ آهن، جڏهنته اسپتالن ۾ گٽڪو استعمال ڪندڙ مريض عام ٿيندا پيا وڃن۔سماعت دوران وڪيل شاهه خاورد عدالت آگاهه ڪيو ته کيس پنهنجي موڪل کان اپيل بابت ڪا هدايت نه ملي آهي، جنهن تي جسٽس حسن رضوي رمارڪس ڏنا ته:“جيڪڏهن اوهان چاهيو ته اوهان جي موڪل کي عدالت گهرايون ۽ کيس هتي ئي گٽڪو کائڻ لاءِ چئون عدالت دليلن بعد گٽڪو ايڪٽ خلاف اپيل خارج ڪري ڇڏي۔
