پريالوءِ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگارن پاران گڏ ٿي سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي ريلي ڳوٺ قائم الدين اوڍو مان شروع ٿي مختلف رستن کان ٿيندي مين پوائنٽ تي پهتي، جتي شرڪت ڪندڙن آبپاشي کاتي ۽ پاڻي انتظاميا خلاف تيز نعريبازي ڪئي۔احتجاج جي اڳواڻي حاجي عبدالرزاق اوڍو، وڏيرو دلاور خان اوڍو، حاجي منير احمد بلوچ ۽ ٻين سماجي اڳواڻن ڪئي۔ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترن مهينن کان آبادگارن کي آبپاشي پاڻي نٿو ملي، جنهن سبب فصل سڪي تباهه ٿي رهيا آهن، جڏهنتہ ڪيترائي هاري سخت معاشي بحران ۾ مبتلا ٿي ويا آهن۔هنن الزام هنيو ته پاڻي جي کوٽ هوندي به آبپاشي عملو بااثر ماڻهن کي پورو پاڻي فراهم ڪري ٿو، جڏهنتہ حقدار هاري پاڻي لاءِ ڏينهن رات دانهن ڪري رهيا آهن۔ اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پاڻي جي منصفاڻي ورڇ فوري يقيني نه بڻائي وئي ته احتجاج کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو۔احتجاج ڪندڙن حڪومتِ سنڌ ۽ آبپاشي کاتي کان مطالبو ڪيو ته پريالوءِ مائنر واهه ۽ شاخن ۾ فوري پاڻي ڇڏيو وڃي ۽ بدعنوان عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي۔
