پشاور ایف سي هيڊڪوارٽرز تي ناڪام حملو حملي آورن جي اچڻ جا اهم انڪشاف سامهون

پشاور ۾ ایف سي هيڊڪوارٽرز تي ٿيل ناڪام خودڪش حملن بابت اهم تفصيلون سامهون آيون آهن. محڪمه انسداد دهشتگردي (سي ٽي ڊي) مطابق واقعي جي تفتیش جاري آهي ۽ هلاک ٿيل حملي آورن جي جسماني عضون جا نمونا حاصل ڪري ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري موڪليا ويا آهن۔سي ٽي ڊي حکام مطابق ٽئي حملي آور هڪ ئي موٽر سائيڪل تي ایف سي هيڊڪوارٽرز پهتا هئا، جيڪي ڪوهاٽ روڊ ۽ سول ڪوارٽر جي رستي کان ٿيندا واقعي واري هنڌ آيا. حملي آورن ٿورو فاصلو پري موٽر سائيڪل بيهاري ۽ پنهنجي هٿيارن سان اڳتي وڌيا. انهن وٽ ڪلاشنڪوف ۽ 8 کان وڌيڪ هٿ بم موجود هئا. واقعي ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي۔گذريل ڏينهن ٽن دهشتگردن طرفان ٿيل حملي ۾ 3 جوان شهيد ۽ 11 زخمي ٿي پيا هئا. واقعي جو مقدمو نامعلوم دهشتگردن خلاف سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ ايس ايچ او عبدالله جلال جي مدعيت ۾ دهشتگردي جي شقن تحت داخل ڪيو ويو آهي۔ايف آءِ آر موجب هڪ دهشتگرد مين گيٽ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته ٻه هٿياربند دهشتگرد فائرنگ ڪندي اندر داخل ٿيا. واقعي جي جڳهه تان 27 کان وڌيڪ هوليون پڻ برآمد ٿيون، جيڪي دليل طور گڏ ڪري تفتیش ۾ شامل ڪيون ويون آهن۔

پنھنجي راءِ لکو