اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽوارين جي ڀرتين بابت ڪيس جسٽس محسن اختر ڪِياني جو انتظاميا تي شديد ڪاوڙ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽوار سرڪلز ۾ خانگي ماڻهن کان سرڪاري ڪم ڪرائڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪِياني انتظاميا تي سخت برهمي جو اظهار ڪيو۔ جج صاحب چيو ته آئيني عدالت ٺهي وئي، پر اڃا تائين ڪم صحيح نه پيا ٿين، انتظاميا عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ سنجيده ناهي۔سماعت دوران هن اسسٽنٽ اٽارني جنرل ۽ اسٽيٽ ڪائونسل کي مخاطب ڪندي چيو ته ڇا هر ڪم لاءِ توهينِ عدالت جو نوٽيس ضروري آهي جنهن ڊي سي کي عدالت سزا ڏني، ان کي صدر ميڊل پائي ڇڏيو۔ هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ٻيهر توهين عدالت ٿي ته بنا وقت ضايع ڪيل هٿي ڪڙيون پاڙي جيل موڪلي ڇڏيندس۔جسٽس ڪِياني چيو ته پٽوارين جي آسامين جو صحيح اشتهار جاري نه ڪرڻ بدنِيتِي آهي، غلطي معاف ٿي سگهي ٿي پر بدنِيتِي قابلِ گرفت آهي۔ هن چيو ته لوڪل پوسٽن تي ٻين صوبن مان ڀرتيون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون جڏهن ته ملڪ ۾ ڪوٽا جو اصول واضح آهي۔هن وڌيڪ راءِ ڏني ته بي ايمان ماڻهن سان نظام نه ٿو هلي سگهي، لوڪل باڊيز چونڊون نه ڪرائڻ به بي ايماني آهي۔ شاملات جي زمين جي ورهاست کان سواءِ هائوسنگ سوسائٽي جو ڪم نه ٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن ڪم رڪجي ويو ته پلاٽن وارا روئندا ۽ پوءِ سموري ذميواري انتظاميا تي هوندي۔عدالت اسلام آباد انتظاميا کي هدايت ڪئي ته پٽوارين جي آسامين جو صحيح جاري ڪيو وڃي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي۔ ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪئي وئي۔

پنھنجي راءِ لکو