غوثپور شھر ڀرسان تنگواني لنڪ روڊ تي جمال ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ عبدالحڪيم بجاراڻي وٽ اڻ ڄاتل هٿياربندن اسڪول ويندڙ چنگچي رڪشه تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او بخشاپور سڪندر پنھور جو ويھن ورهين جو پٽ گل حس پنھور ۽ سندس اٺن سالن جو ڀائٽو مزمل پٽ ظھير پنھور شهيد ٿي ويا۔اطلاع ملڻ شرط ايس ايس پي ڪشمور مراد گھانگرو جي هدايت تي مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ڏوهارين جي پيري ۾ لڳي وئي، پر ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔شھيد ٿيندڙ ٻارڙو ۽ نوجوان ڳوٺ عبدالحق پنھور جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن۔ علائقي ۾ چئوٻول آهي ته ڪشمور پوليس جي ڏوھارين خلاف سخت ڪاررواين سبب مختلف ڏوھاري گروپن پوليس کي ڌمڪيون ڏنيون هيون، ۽ شايد اهو ئي واقعو ان سلسلي جو نتيجو ٿي سگهي ٿو۔جمال پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
