وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان لاءِ سيڪيورٽي ۾ اضافو اهم آفيسرن جا تقرر ۽ تبادلا

وفاقي پوليس وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان کي باقاعدي سيڪيورٽي فراهم ڪري ڇڏي آهي جنهن سلسلي ۾ اهم آفيسرن جا تقرر ۽ تبادلا پڻ ڪيا ويا آهن۔نوٽيفڪيشن موجب ايس پي اسپيشل برانچ سجاد حيدر بخاري کي چيف جسٽس جو چيف سيڪيورٽي آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي۔ ان سان گڏ ڊي ايس پي ياسين تگڙ کي ڊي ايس پي سيڪيورٽي وفاقي آئيني عدالت مقرر ڪيو ويو آهي۔اسلام آباد ۾ ڊي ايس پي مختيار بگٽي کي سيڪيورٽي ڊويزن جو اضافي چارج پڻ ڏئي ڇڏيو ويو آهي۔ اهي تقرريون ۽ تبادلا اي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت ڪيا ويا آهن۔وفاقي پوليس جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ اضافي اهلڪار ۽ انتظامات پڻ ڪيا پيا وڃن۔

پنھنجي راءِ لکو