پراڻي سکر نمائش واري شاهراهه بينظير ڀٽو وٽ يو سي 7 ۽ يو سي 9 کي پاڻي فراهم ڪندڙ مائڪرو ڪالوني جي واٽر سپلاءِ لائين رات دير سان ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، جنهن بعد شاهراهه بينظير ڀٽو سميت ميراني محله جون روڊون پاڻي سان ڀرجي ويون۔ نتيجي ۾ هزارين رهواسي، اسڪول ويندڙ ٻار ۽ بزرگ سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا۔مقامي ماڻهن موجب هي نئين واٽر لائين ڪجهه سال اڳ ناقص پائپن سان ٺاهي وئي هئي ۽ 2023 ۾ ان جو افتتاح ايم اين اي نعمان شيخ ۽ ايم پي اي فرخ شاهه کان ڪرايو ويو، پر لائين ان وقت هلائي ئي نه وئي۔ 2025 ۾ جڏهن لائين کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها موٽر پريشر برداشت نه ڪري سگهي ۽ ڪيترين ئي هنڌن تان ٽٽي پئي۔رهواسين الزام لڳايو آهي ته هن اسڪيم تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا پر ناقص سامان استعمال ڪيو ويو، جنهن جا ذميوار ठ يڪيدار ۽ اعوان برادران يو سي چيئرمين ممتاز اعوان ۽ اظهر اعوان آهن۔ شهرين مطالبو ڪيو آهي ته سندن خلاف سخت ايڪشن ورتو وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اهڙي انتظامي نااهلي نه دهرائي وڃي۔
