پي آءِ اي جي نجيڪاري لاءِ دسمبر جي وچ ۾ بوليون وٺڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت جي تيز پيشرفت

اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي براءِ نجيڪاري جي اجلاس دوران وفاقي حڪومت اهو اعلان ڪيو آهي ته پي آءِ اي (PIA) جي نجيڪاري لاءِ بوليون دسمبر جي وچ ۾ ورتيون وينديون۔اجلاس جي صدارت فاروق ستار ڪئي، جڏهن ته مشير نجيڪاري محمد علي ۽ سيڪريٽري سميت اعليٰ عملو شريڪ ٿيو۔وزارتِ نجيڪاري جي عملدارن موجب پي آءِ اي جي نجيڪاري تي تيزي سان ڪم جاري آهي ۽ چارهئي ڪنسورشيم پنهنجا ڪمنٽس جمع ڪرائي چڪا آهن۔ اڄ پري بڊنگ ميٽنگ جو ٽيون رائونڊ پڻ منعقد ٿيو، ۽ دسمبر جي وچ ڌاري بوليون وٺڻ جو حتمي ارادو طئي ٿي چڪو آهيفاروق ستار ملازمن بابت چيو ته انهن جا تحفظات اڃا موجود آهن۔ چيائين:“اسان جي طرف کان لکيو وڃي ته ملازمن کي گهٽ ۾ گهٽ 5 سال جو تحفظ ضرور ملڻ گهرجي.”وزارت نجيڪاري ٻڌايو ته خريدار ڪنسورشيم کي 35 کان 40 نوان جهاز آڻڻا پوندا، ۽ جڏهن جهازن جو تعداد ٻيڻو ٿيندو ته عملي جي به وڏي ضرورت پوندي، جنهن سان روزگار جا امڪان به وڌندا۔

پنھنجي راءِ لکو