ڪراچي ۾ اسٽرٽ ڪرائيمز ۾ 14 سيڪڙو گهٽتائي ٽيڪنالاجي وڏو ڪردار ادا ڪيو ايڊشنل آءِ جي جاويد عالم اوڊھو

ايڊشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڊھو چيو آهي ته شهر ۾ اسٽرٽ ڪرائيمز ۾ 14 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي جڏهن ته وائلنٽ ڪرائمز جي شرح گذريل سال جي مقابلي ۾ 55 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي۔ ڪراچي ۾ تقريب کيخطاب ڪندي هن چيو ته سي سي ٽي وي ڪيمرن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جرائم جي روڪٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔اوڊھو ٻڌايو ته 90 واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي بدامني جي لپيٽ ۾ هو، پر عوام جي همت ۽ پوليس جوانن جي قربانين سان امن بحال ٿيو۔ هن چيو ته ڀتّه خوري جي ڪيسن جو گهرو جائزو ورتو ويو، ڪيترائي ڪيس ڪاروباري معاملن جا نڪتا۔ ڀتّه خوري خلاف ڪارروائين ۾ 5 گينگسٽر مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ گرفتار ٿيا، جڏهن ته شوروم تي فائرنگ ڪندڙ ڀتّه خور به گذريل رات گرفتار ٿيا۔ايڊشنل آءِ جي چيو ته شاهين فورس ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ سڀ کان وڌيڪ سرگرم آهي، ڇو⁠تہ موٽرسائيڪل تي پوليس اهلڪارن لاءِ ڪرمنلز تائين پهچڻ آسان هوندو آهي۔ هن حڪومت کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي۔هن ٻڌايو ته ٽريڪس نالي نظام تازو لاڳو ٿيو آهي جيڪو مڪمل شفاف آهي ۽ ان خلاف عدالت ۾ به وڃجي سگهي ٿو۔ نظام ثبوتن جي بنياد تي هلندو آهي، ۽ هن پاڻ سميت ڪيترن ڊي آءِ جيز کي به چالان مليا آهن۔ هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان نه رڳو جرائم گهٽ ٿيا آهن پر پوليس مٿان الزام ۽ شڪ به گهٽجي ويندا۔

پنھنجي راءِ لکو