ڪرم ضلعي جي وچولي علائقي مناتو ورستہ ۾ هڪ ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، جتي هڪ گهر تي مارٽر گولو ڪرڻ سبب 5 معصوم ٻار فوت ٿي ويا۔ فوت ٿيندڙ ٻارن جون عمريون 7 کان 18 سال جي وچ ۾ ٻڌايون پيون وڃن۔پوليس موجب مارٽر گولو حاجي گلاب نالي شخص جي گهر تي ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سمورا ٻار موقعې تي ئي دم ڏيئي ويٺا۔ واقعي کان پوءِ ماحول سوڳوار ٿي ويو ۽ ڳوٺ ۾ جهڙوڪ سناٽو ڇائنجي ويو۔افسوسناڪ واقعي کان پوءِ لاواحقين روڊ تي ٻارن جون لاشون رکي احتجاج شروع ڪري ڏنو، جڏهن ته پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ هر پهلوءَ کي ڏسندي جاچ اڳتي وڌائي پئي وڃي۔واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنڌڪوٽ ۾ به اهڙو ئي حادثو پيش آيو هو، جتي راڪٽ لانچر جو پراڻو زنگ آلود گولو ڦاٽڻ سبب 4 ٻار فوت ٿي ويا هئا۔ انڊس هاءِ وي جي ڀرسان زورڳڙهه واري علائقي ۾ ٻارن کي جنگل مان گولو مليو، جيڪو هٿ ۾ اچڻ شرط ڦاٽي پيو۔ فوت ٿيندڙ سڀئي ٻار هڪ ئي خاندان (گولا قبيلي) سان واسطو رکن ٿ
