ڪلفٽن چائنا پورٽ ڀرسان هٿ پير ٻڌل عورت جي لاش ملي پوسٽ مارٽم ۾ شديد تشدد جا انڪشاف

ڪراچي جي ڪلفٽن چائنا پورٽ ڀرسان عورت جي هٿ پير ٻڌل حالت ۾ ملندڙ لاش جي واقعي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي سامهون آئي آهي. پوليس موجب لاش گذريل ڏينهن ملي هئي ۽ مقتولا جي عمر تقريباً 30 کان 35 سال جي وچ ۾ آهي۔جناح اسپتال ۾ عورت جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن⁠تہ بوٽ بيسن ٿاڻي ۾ سرڪاري مدعيت ۾ قتل جي دفعا 302 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته عورت کي ڪنهن ٻئي هنڌ قتل ڪري هتي اڇلايو ويو।پوسٽ مارٽم ۾ ظاهر ٿيو آهي ته مقتولا تي بي رحمي سان تشدد ڪيو ويو، سندس ڳچيءَ تي پڻ نشان هئا ۽ هٿ پير ٻڌل هئا۔ ايس ايس پي سائوٿ مطابق قتل کان پوءِ عورت جي چهري کي تيز ڌار اوزار سان مسخ ڪيو ويو ۽ ممڪن آهي ته چهري تي تيزاب به اڇلايو ويو هجي، جنهن سبب سڃاڻپ ناممڪن ٿي وئي آهي۔ابتدائي تحقيقات موجب لاش هڪ کان ٻه ڏينهن پراڻي آهي۔ پوليس هر رخ کان معاملي جي جاچ جاري رکي وئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو