اسلام آباد ۾ تعليمي ادارن لاءِ نوان اوقات ڪار لاڳو شيڊول يکم ڊسمبر کان نافذ

موسم سرما کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد جي سڀني تعليمي ادارن جي اوقات ڪار ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، جيڪو شيڊول يکم ڊسمبر کان 31 جنوري تائين لاڳو رهندو۔سرڪاري هدايتن موجب سنگل شفٽ اسڪول صبح 8:30 وڳي کان ٻڏي 2:00 وڳي تائين کليل هوندا، جڏهن ته جمعي تي وقت 8:30 کان 1:15 وڳي تائين مقرر ڪيو ويو آهي।ڊبل شفٽ اسڪولن ۾ صبح جي شفٽ 8:15 کان 1:15 وڳي تائين ۽ شام جي شفٽ 1:15 وڳي کان 6:00 وڳي تائين هلندي۔سڀني اسڪولن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته نون اوقات ڪار مطابق انتظامات کي يقيني بڻائين ته جيئن شاگردن ۽ استادَن کي سهولت ملي سگهي۔

پنھنجي راءِ لکو