اسلام آباد ۾ پوليس ڊانس پارٽين ۽ مساج سينٽرن جي نالي تي هلندڙ فحاشي اڊن خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي آهي شاليمار ٿاڻي جي پوليس هڪ ئي رات ۾ 5 ڇاپا هنيا، جن دوران 21 ڇوڪريون ۽ 19 مرد گرفتار ڪيا ويا.پوليس موجب گرفتارن خلاف شاليمار ٿاڻي ۾ مقدما داخل ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.ياد رهي ته 24 نومبر تي اسلام آباد جي لوهي ڀير واري علائقي ۾ هڪ مساج سينٽر اندر عورت تي وحشياني تشدد جو واقعو پڻ سامهون آيو هو، جنهن ۾ مالڪن ساٿين سان گڏ عورت جا وار ڪٽي تشدد ڪيو. تشدد جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ ڏسجي پيو ته مساج سينٽر جو مالڪ ۽ ساٿي عورت جا وار ڪٽي رهيا آهن.
