اسلام آباد اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ضمني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته طلال چوھدري جي ڀاءُ بلال چوھدري جو نوٽيفڪيشن ضابطه اخلاق جي معاملي سبب روڪيو ويو آهي.تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي 5 ۽ صوبائي اسيمبلي جي ڪيترين ئي سيٽن تي مسلم ليگ (ن) جا اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا. قومي اسيمبلي جي سيٽن مان اين اي-18 هري پور مان بابر نواز خان اين اي-104 فيصل آباد مان دانيال احمد، اين اي-129 لاهور مان محمد نعمان، اين اي-143 ساهيوال مان محمد طفيل ۽ اين اي-185 ڊي جي خان مان محمود قادر ڪامياب ٿيا.صوبائي اسيمبلي ۾ ڪامياب اميدوارن ۾ پي پي-73 سرگودھا مان ميان سلطان علي رانجھا، پي پي-87 ميانوالي مان علي حيدر نور، پي پي-98 فيصل آباد مان آزاد علي تبسم، پي پي-115 فيصل آباد مان محمد طاهر پرويز، پي پي-116 فيصل آباد مان احمد شهريار، پي پي-203 ساهيوال مان محمد حنيف ۽ پي پي-269 مظفرگڙھ مان ميان علمدار عباس قريشي شامل آهن.ٻئي طرف اين اي-96 فيصل آباد مان ڪامياب اميدوار بلال چوھدري جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو، ڇوتہ طلال چوھدري ۽ بلال چوھدري خلاف ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جو ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. بلال چوھدري ڪيس جلد مقرر ڪرڻ جي درخواست پڻ ڏني آهي.اليڪشن ڪميشن جي بيان مطابق باقي سمورن اميدوارن جي ڪاميابي آئيني ۽ قانوني گهرجن مطابق تصديق ڪئي وئي آهي۔
