سکر ۾ سردي شروع ٿيندي ئي لنڊا بازارن جون رونقون بحال سستا گرم ڪپڙا وٺڻ لاءِ عوام جو وڏو رش

سکر ۾ سردي جي شروعات ٿيندي ئي شهر جي مختلف علائقن ۾ لنڊا بازار ٻيهر چوٽ چڙهيا آهن، جتي روزانو هزارين ماڻهو سستا گرم ڪپڙا خريد ڪرڻ لاءِ پهچي رهيا آهن۔لنڊا بازارن ۾ هن وقت ٻارن جا گرم سوئيٽر، جينز، جرابون، مردن لاءِ جيڪٽس، عورتن لاءِ شالون، هٿن جا دستانا ۽ ٻيا گرم ڪپڙا وڏي تعداد ۾ موجود آهن، جن جون قيمتون نون ڪپڙن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهن۔گهريدارن جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ۾ نوان گرم ڪپڙا انتهائي مهانگا ٿي چڪا آهن، جنهن سبب غريب ۽ هيچولي طبقي لاءِ خريداري تقريباً ناممڪن بڻجي وئي آهي। انهن مطابق لنڊا بازار ئي واحد سهارو آهي، جتان هو پنهنجي وس آهر ڪجهه نه ڪجهه وٺي سگهن ٿا۔دڪاندارن جو چوڻ آهي ته سردي شروع ٿيندي ئي رش ۾ نمايان اضافو رکيو ويو آهي، ۽ ايندڙ هفتن ۾ وڌيڪ رش جو امڪان آهي۔ هنن ٻڌايو ته هن سال لنڊا مال گهٽ آيو آهي، جنهن ڪري ڪجهه شيون مهانگيون ضرور ٿيون آهن، پر ان باوجود خريدارن جي آمد ۾ گهٽتائي ناهي۔سخت سردي جي امڪاني لهر سبب شهرين اڳواٽ گرم ڪپڙا خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن، ۽ لنڊا بازار ٻيهر سکر جي غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ سستو سهارو ثابت ٿي رهيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو