سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته فلم، ڊاڪيومينٽري ۽ ٻئي تخليقي مواد ذريعي قومي بيانيي ترقياتي قدمن ۽ صوبائي ڪارڪردگي کي اثرائتي نموني سامهون آندو وڃي۔ڪراچي ۾ سڌ سماءَ کاتي جي اهم اجلاس جي صدارت ڪندي شرجيل ميمڻ کاتي جي پروڊڪشن کي جديد تقاضائن مطابق اپڊيٽ ڪرڻ ۽ ٽيڪنيڪي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيون۔هن هدايت ڪئي ته سڀئي فلمي ۽ ميڊيا منصوبا جلد مڪمل ڪيا وڃن، جڏهن ته ميگا پروجيڪٽس ۽ صوبائي ترقياتي قدمن جي وقت سر ۽ مؤثر اشتهارسازي يقيني بڻائي وڃي۔اجلاس دوران فلمي منصوبن جي پيش رفت، کاتي جي مجموعي حڪمت عملي ۽ قومي بيانيي کي اجاگر ڪرڻ بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔ شرجيل ميمڻ لاڳاپيل کاتن کي هدف مطابق ڪم وڌيڪ تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي۔شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فلم ۽ ميڊيا جي هر شعبي ۾ اهو مواد تيار ٿيڻ گهرجي جيڪو صوبائي ثقافت، تاريخ، عوامي سهولتن ۽ حڪومتي ڪارڪردگي کي نمايان ڪري۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت نوجوان فلم سازن ۽ ميڊيا پروفيشنلز لاءِ موقعا پيدا ڪري رهي آهي ته جيئن صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ، توانائي ۽ ٻين ترقياتي شعبن ۾ ٿيندڙ پيش رفت عوام تائين پهچائي سگهجي।
