اسلام آباد جمعيت علمائِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن 28هين آئيني ترميم اچي ٿي ته ان جو به جائزو وٺنداسين، اسان کي ڪا پسپائي اختيار ڪرڻي ناهي، جيڪو حق سمجهون ٿا سوئي ڳالهه ڪنداسين۔اي آر واءِ نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته اپوزيشن جو ڪردار هو پاڻ ادا ڪري رهيو آهي ۽ خيبرپختونخوا سان گڏ وفاق ۾ به اپوزيشن جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي۔مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ مان منظور ٿيل بلن ۽ قانونن جي متن ۾ موجود خاميون قوم جي سامهون آڻيون وينديون۔ هن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ سياست کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، جنهن سان پارليامينٽ جي اهميت متاثر ٿي رهي آهي ۽ هي صورتحال سولين نظام کي غير مؤثر بڻائي سگهي ٿي۔هن وڌيڪ چيو ته سياستدان حڪمران ناهن رهيا، پر استعمال ٿي رهيا آهن، جيڪو ملڪ جي سياسي جوڙجڪ لاءِ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي۔
