ايراني سپريم ليڊر غزه ۽ لبنان جون مزاحمتي تحريڪون ايراني اصولن تي قائم آمريڪا ۽ اسرائيل تاريخي شڪست کاڌي

ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي سرڪاري ٽي وي تي اهم خطاب ڪندي چيو آهي ته غزه ۽ لبنان جونمزاحمتي تحريڪون ايراني انقلاب جي قدرن ۽ اصولن تي قائم آهن، جيڪي خطي ۾ ظلم خلاف طاقتور مورچو بڻجي چڪيون آهن۔غير ملڪي ذريعن موجب آيت الله خامنه اي دعويٰ ڪيو ته ايراني قوم تازين ٻارهين ڏينهن واري جنگ ۾ آمريڪا ۽ صهيوني ريجيم کي واضح ۽ تاريخي شڪست ڏني آهي۔هن چيو ته دشمن پوري تياري سان آيو ۽ شر پکيڙڻ جيڪوشش ڪئي، پر آخرڪار ناڪام ٿي خالي هٿ واپس موٽي ويو۔ سندس چوڻ موجب اسرائيل هن جنگ لاءِ ويهينسالن تائين منصوبابندي ڪئي هئي، پر ايراني دفاعي نظام ۽ قومي مزاحمت آڏو پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري سگهيو۔سپريم ليڊر وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي حملي دوران ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر اهي پنهنجن هدفن تائين نه پهچي سگهيا۔ آيت الله خامنه اي مطابق ايراني قوم جي ثابت قدمي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته هو هر خارجي جارحيت جو موثر جواب ڏيڻ جي سگهه رکن ٿا ۽ علائقائي مزاحمتي قوتون پڻ ايراني نظريي مان طاقت حاصل ڪري رهيون آهن۔

پنھنجي راءِ لکو