بلديه ٽائون ۾ شادي تقريب دوران فائرنگ هڪ شخص هلاک ٻار سميت 6 زخمي

ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ شادي جي خوشيون فائرنگ سبب اداس ٿي ويون، جتي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص جان وڃائي ويٺو جڏهن ته ٻار سميت ڇهه ماڻهو زخمي ٿي پيا۔پوليس موجب سواتي ڪالوني جي نيازي پاڙي ۾ شادي جي تقريب جاري هئي، جتي نشي ۾ چور ڪجهه ماڻهن هوائي فائرنگ ڪئي۔ منع ڪرڻ تي تڪرار ٿيو ۽ عامر نالي جوابدار سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني۔فائرنگ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو ۽ ڇهه ڄڻا زخمي ٿيا جن ۾ هڪ ٻار بهشامل آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ جوابدار عامر شاهه فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي تلاش جاري آهي۔ٻئي پاسي، پاڪ ڪالوني ۾ اسنيپ چيڪنگ دوران پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ منشيات فروش کي گرفتار ڪري ورتو۔ جوابدار وٽان آئس برآمد ڪئي وئي، جڏهن ته ذريعن موجب جوابدار مٿس منشيات، هٿيار ۽ پوليس مقابلي سميت ڏهه کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن।

پنھنجي راءِ لکو