پشاور پوليس شهر جي سڀني ضلعي آفيسرن کي موٽرسائيڪل سوارن بابت نئون هدايتي نامو جاري ڪيو آهي هدايتي نامي جو مقصد دهشتگردن ۽ عسڪريت پسندن جي ڪارروائين ۾ موٽرسائيڪل جي استعمال کي روڪڻ ۽ شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي.هدايتي نامي ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد اڪثر پنهنجي ڪارروائين ۾ موٽرسائيڪل جو استعمال ڪندا آهن، تنهنڪري بغير رجسٽريشن وارا موٽرسائيڪل هلائيندڙن خلاف فوراً ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مشڪوڪ يا چادر اوڙهيل موٽرسائيڪل سوارن جي تلاشي لازمي ورتي وڃي.وڌيڪ هدايت ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن موٽرسائيڪل سوار ڪنهن ڪمپني سان منسلڪ نه آهن ته انهن جي تصديق ضروري آهي ۽ بغير تصديق موٽرسائيڪل کي واپس پوليس اسٽيشن نه موڪليو وڃي. پشاور پوليس موجب، تازو فيڊرل ڪنسٽيبلي هيدڪوارٽر تي حملو دوران دهشتگردن موٽرسائيڪل استعمال ڪئي هئي، جنهن بعد اهي قدم ضروري ٿي ويا.ڊسٽرڪٽ پوليس انتظاميا جو چوڻ آهي ته هي هدايتي نامو شهر ۾ سيڪيورٽي مضبوط ڪرڻ ۽ شهرين کي محفوظ رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
