پنجاب ۾ ٽريفڪ مينيجمينٽ جو نئون دور بار بار چالان تي گاڏي نيلام انڊر ايج ڊرائيونگ تي 6 مهينن تائين قيد

پنجاب ۾ ٽريفڪ مينيجمينٽ جو نئون دور شروع ٿي ويو آهي، سفر کي محفوظ ۽ آسان بڻائڻ لاءِ ٽريفڪ قانونن ۾ اهم تبديليون ڪيون ويون آهن۔ وزیراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ جديد ٽريفڪ نظام، روڊ سيفٽي ۽ نظم و ضبط بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بار بار چالان ٿيڻ جي صورت ۾ گاڏي نيلام ڪئي ويندي، جڏهن ته ٽريفڪ قانون کي لتاڙيندڙ سرڪاري گاڏين تي به ڳرا ڏنڊ لڳايا ويندا۔صوبي ۾ ون وي خلاف ورزي کي ختم ڪرڻ لاءِ 30 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي. يوٽرن جي ري ماڊلنگ جو منصوبو به منظور ڪيو ويو ته جيئن روڊن کي وڌيڪ محفوظ ۽ منظم بڻائي سگهجي۔ ٽريفڪ حادثن ۾ جانبحق ماڻهن جي وارثن کي فوري مالي امداد ڏيڻ تي به اتفاق ٿيو۔انڊر ايج ڊرائيونگ ۽ پارڪنگ قانوناجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته پنجاب ۾ پارڪنگ نه هئڻ جي صورت ۾ ڪنهن به ميڙيج هال جي تعمير جي اجازت نه ملندي۔ ننڍي عمر وارن ٻارن جي ڊرائيونگ خلافسخت ڪریک ڊاؤن ڪيو ويندو، جڏهن ته انڊر ايج ڊرائيونگ تي گاڏي جي مالڪ کي 6 مهينن تائين قيد ٿي سگهي ٿي۔بس جي ڇت تي سفر تي پابندي ۽ چنگچي تي پابنديپنجاب ۾ بس جي ڇت تي سفر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ ان خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي۔ لاهور جي پنج ماڊل روڊن تي چنگچي رکشن تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي وئي آهي۔وزیراعليٰ مريم نواز لاهور ۾ ٽريفڪ بهتري لاءِ 30 ڏينهن جي ڊيڊ لائن ڏئي ڇڏي۔ هن چيو ته سمورن شهرن ۾ ٽريفڪ سسٽم بهتر ڪرڻو پوندو، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ هر ماڻهو کي ڏنڊ ڀرڻو پوندو۔ هن وڌيڪ چيو ته خراب ٽريفڪ نظام رياستي رٽ کي ڪمزور ڪري ٿو۔ ٽريفڪ پوليس کي آخري موقعو ڏنو پيو وڃي، ٻي صورت ۾ نئون ڊپارٽمينٽ ٺاهڻو پوندو۔

پنھنجي راءِ لکو