چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وزيراعلیٰ ڪي پي سان ملاقات کان انڪار ملاقات نه ٿيڻ تي وزيراعلیٰ جو ڌرڻو

اسلام آباد ۾ باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جي معاملي تي نئين تڪرار جنم ورتو آهي، جتي ايڊووڪيٽ جنرلخيبرپختونخوا دعويٰ ڪيو آهي ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعلیٰ ڪي پي سهيل آفريدي سان ملاقات ڪرڻ کانانڪار ڪري ڇڏيو آهي.ايڊووڪيٽ جنرل مطابق چيف جسٽس ڪنهن سان به ملاقات لاءِ تيار نه آهن، جنهن بعد وزيراعلیٰ سهيل آفريدي، عليمه خانم ۽ وڪيل چيف جسٽس جي سيڪريٽري آفيس مان بنا ملاقات واپس موٽي آيا.غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعلیٰ سهيل آفريدي چيو ته “اسان جي شنوائي نه ٿي، چيف جسٽس طرفان پيغام مليو ته هواسان سان نه ملي سگهندو، جڏهن ته عدالتي حڪم هوندي به باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جي اجازت نٿي ڏني وڃي.”معاونِ خصوصي اطلاعات شفيع جان ٻڌايو ته ملاقات نه ٿيڻ تي وزيراعلیٰ سهيل آفريدي گذريل رات پوري رات ڌرڻو ڏنو، جڏهن ته صبح جو ٻيهر ملاقات لاءِ هاءِ ڪورٽ پهتا. هن چيو ته وزيراعلیٰ ملاقات لاءِ سمورا آئيني، قانوني ۽ جمهوري رستا اختيار ڪري چڪا آهن.شفيع جان الزام هنيو ته سپرنٽنڊنٽ اڊياله جيل ۽ پنجاب حڪومت پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي رهيا آهن، جڏهن ته منتخب وزيراعلیٰ سان ناروا رويو جمهوريت کي ڪمزور ڪري رهيو آهي.انهن وڌيڪ چيو ته “وفاق ۽ پنجاب ۾ ماحول جمهوري نه پر آمريت جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، اسان وٽ ڪو به رستو نه بچيو آهي، هاڻي عوامي عدالت جو رخ ڪنداسين.”

پنھنجي راءِ لکو