ڊي آءِ جي ڪوئيٽا پوليس عمران شوڪت هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو آهي ته ڪراچي مان گاڏيون کسي يا چوري ڪري ڪوئيٽا آڻيندڙ گينگ جو پتو لڳائي ورتو ويو آهي. هو سيريس ڪرائم انويسٽيگيشن ونگ جي ايس ايس پي عمران قريشي سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو۔هن چيو ته بلوچستان کي گهڻي عرصي کان دهشتگردي جو سامنا آهي۽ ڏوهن ۽ دهشتگردي ۾ سڌو سنئون لاڳاپو موجود آهي۔ ڪراچي مان چوريل گاڏين بابت وڌندڙ شڪايتن تي ٽي هفتا مانيٽرنگ ڪئي وئي، جنهن دوران ڪيترين گاڏين کي ضبط ڪيو ويو ۽ گاڏي مالڪن ۽ خريد ڪندڙن خلاف به ڪيس داخل ڪيا ويا۔ڊي آءِ جي ٻڌايو ته نومبر دوران پوليس قتل ۽ ڊڪيتي جا پنج ڳوڙها ڪيس حل ڪيا ۽ ڇهه جوابدار گرفتار ڪيا، جن جي قبضي مان ڪروڙين رپين جي رقم ۽ سون به هٿ آيو۔ هن وڌيڪ چيو ته منظم ڏوهه دهشتگردي جي مالي مدد جو ذريعو بڻجي ٿو، جنهن جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهن۔ڊيگاري واقعي جي مرڪزي جوابدار جلال ساتڪزئي بابت هن ٻڌايو ته هو صوبو ڇڏي فرار ٿي چڪو آهي ۽ انڊر گرائونڊ آهي۔ ٻين صوبن جي پوليس سان رابطو جاري آهي ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن۔
