اسلام آباد سبزي منڊي ويجهو خنجر جي وار سان اي ايس آءِ علي اڪبر خان شهيد

اسلام آباد جي سبزي منڊي ويجهو خيابان چوک تي نامعلوم حمله آور جي خنجر جي وار سان پوليس جو اي ايس آءِ علي اڪبر خان شهيد ٿي ويو.پوليس موجب اي ايس آءِ علي اڪبر پيادل وڃي رهيا هئا ته اوچتو نامعلوم شخص خنجرسانملو ڪيو، جنهن سبب هو شديد زخمي ٿي ويا. زخمي اهلڪار کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي ته زخمن جي تاب نه آڻيندي هو فوت ٿي ويا.شھيد اي ايس آءِ علي اڪبر خان سپريم ڪورٽ ۾ ڊيوٽي انجام ڏئي رهيا هئاوفاقي وزير داخلہ محسن نقوي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي آءِ جي اسلام آباد کان رپورٽ طلب ڪئي آهي ۽ شھيد اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪندي لواحقين سان دل جي همدردي ظاهر ڪئي آهي۔محسن نقوي متعلقہ اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته حمله ۾ ملوث ملزمان کي جلد گرفتار ڪيو وڃي۔ هن چيو ته شھيد اهلڪار جي سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ حڪومت برابر جي حصيدار آهي ۽ انهن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي۔

پنھنجي راءِ لکو