سنڌ جي ضلعي جيڪب آباد ۾ هڪ دل ڏاريندڙ واقعو سامهون آيو آهي، جتي هڪ سفاک پيءُ پنهنجي ئي ڌيءَ کي 6 لکن رپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو. پوليس موجب متاثر عورت جو والد کيس ڪراچي مان ڳوٺ کندو جتوئي آندو ۽ مبينا طور لونگ مرهٽو نالي شخص کي ڇهه لک رپين ۾ وڪرو ڪيو۔پوليس جو چوڻ آهي ته عورت کي موقعو ملڻ تي هوءَ اتيءَ کان نڪري بچاءَ ۽ انصاف لاءِ ٿاڻي پهچي وئي، جنهن کان پوءِ پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي۔جيڪب آباد سنڌ جو پسمانده علائقو آهي، جتي غربت، جهالت ۽ سماجي دٻاءُ سبب اهڙا واقعا اڳ به رپورٽ ٿي چڪا آهن۔2017 ۾ هڪ 10 سالن نينگري کي پيءُ غربت جي ڪري “شادي” جي نالي ۾ وڪرو ڪيو هو، جڏهنتہ 2019 ۾ بادني ڀٽو ڳوٺ ۾ 20 سالن ڇوڪري کي 2.7 لک رپين ۾ وڪرو ڪرڻ جو واقعو سامهون آيو هو، جنهن تي انساني حقن واري تنظيمن سخت آواز اٿاريو هو۔هن نئين واقعي وري هڪ دفعو عورتن جي استحصال غيرقانوني خريد و فروخت ۽ علائقي جي سماجي صورتحال تي ڳنڀير سوال اٿاريا آهن۔
