سکر پوليس وڏي ۽ ڪامياب ڪارروائي ڪندي مرده جانورن جو گوشت فراهم ڪندڙ گروهه خلاف قدم کنيو آهي. ايس ايس پي سکر اظهر خان جي هدايتن تي اي ايس پي سٽي ڪيپٽن (ر) صهيب امين جي سربراهي ۾ 15 مددگار انچارج عبيد رحمان دائرو ۽ ٽيم طرفان ٿاڻي بي سيڪشن جي حدن ۾ واقع پاڪ ڪالوني ۾ گودام تي ڇاپو هنيو ويو۔ڪارروائي دوران وڏي مقدار ۾ بدبودار، مضر صحت ۽ ناقص مرده جانورن جو گوشت هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته هن ڪاروبار ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو۔ترجمان موجب ملزمان ڪيترن ئي عرصي کان مرده جانورن جو گوشت خريد ڪري سکر شهر جي مختلف علائقن ۾ سپلائي ڪري رهيا هئا، جنهن سبب شهري خطرناڪ بيمارين کي منهن ڏئي رهيا هئا۔ملزمان خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري وئي آهي ۽ وڌيڪ تفتیش جاري آهي۔ايس ايس پي سکر اظهر خان ڪامياب ڪارروائي تي ٽيم کي شاباش ڏيندي چيو ته عوام جي صحت سان کيڏندڙ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا، مضر صحت خوراڪ ۽ غير معياري شين خلاف سخت ڪارروائي جاري رهندي۔
