پاڪستان ۾ سون جي قيمتن ۾ وڏي واڌ ٿي آهي ۽ في توله قيمت 4 لک 40 هزار رپين جي حد پار ڪندي 4 لک 44 هزار 162 رپيا ٿي وئي آهي۔ آل پاڪستان جمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن مطابق اڄ في توله سون جي قيمت ۾ اوچتو 5300 رپين جو وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو۔10 گرام سون جي قيمت ۾ به 4544 رپين جي واڌ ٿي، جنهن بعد ان جا نوان نرخ 3 لک 80 هزار 797 رپيا مقرر ٿيا آهن۔ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت وڌي وئي آهي، جتي في اونس سون 53 ڊالر وڌڻ بعد 4218 ڊالر تي پهچي ويو آهي۔ ياد رهي ته گذريل ٻن ڏينهن کان سون جون قيمتون مستحڪم رهيون هيون۔ماهرن مطابق سون کي روايتي طور محفوظ سيڙپڪاري سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جي قيمت خاص طور افراط زر، معاشي غير يقيني، ۽ سياسي صورتحال جي تبديلين دوران وڌي ٿي۔ صديون گذرڻ باوجود سون اڄ به دولت ۽ ڪرنسي جو مضبوط ذريعو سمجهيو وڃي ٿو۔گذريل سال پاڪستان ۾ سون جي قيمت مقرر ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ تبديلي ڪئي وئي هئي، جنهن تحت ملڪ ۾ سون جي قيمت عالمي مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ في اونس 20 ڊالر وڌيڪ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو۔
