شهر قائد جي علائقي پاپوش نگر (ناظم آباد نمبر 3) ۾ سرڪاري اسڪول جي ڀت اوچتو ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀت سان گڏ بيٺل ٽن گاڏين ۽ ڪيترين ئي موٽرسائيڪلن کي نقصان رسيو آهي۔خوشقسمتيءَ سان حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو۔ علائقي واسين پنهنجي مدد آپ تحت ملبو هٽائڻ ۾ حصو ورتو، جڏهن ته اسڪول ۾ تعميراتي ڪم پڻ جاري هو۔ريسڪيو ذريعن موجب ملبو هٽائڻ کان پوءِ نقصان پهتل گاڏين کي ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ جو عمل جاري آهي۔ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسڪول اندر تعميراتي ڪم هلي رهيو هو، پر ڀت ڪرڻ جي حقيقي سبب جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي۔
