روهڙي: نيو يارڊ ڪالوني ۾ مقابلي دوران پوليس اهلڪار جهانگزيب جتوئي شهيد، نماز جنازه سرڪاري اعزاز سان ادا

روهڙي ڀرسان نيو يارڊ ڪالوني ۾ پوليس جو مقابلو ڏوهارين سان ٿيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس ڪانسٽيبل جهانگزيب جتوئي گوليون لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو.شهيد جي مڙهه اسپتال منتقل ڪئي وئي، جتي وارثن ۽ شهرين جي وڏي انگ موجود هو۔شهيد جهانگزيب جتوئي جي نماز جنازه پوليس لائن هيڊ ڪوارٽر سکر ۾ وڏي ادب، احترام ۽ سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي، جتي مغفرت، بلند درجات ۽ لواحقين جي صبر لاءِ اجتماعي دعا پڻ ڪئي وئي۔نماز جنازه ۾ ڊي آءِ جي سکر رينج ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ، ايس ايس پي سکر اظهر خان، ايس ايس پي سي ٽي ڊي قدوس ڪلوڙ ۽ ٻين پوليس آفيسرن، صحافين، سياسي ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي۔ياد رهي ته گذريل رات ٿاڻو روهڙي جي حدن ۾ نيو يارڊ ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان ڏوهارين سان مقابلي دوران جهانگزيب جتوئي شهيد ٿيا هئا۔ سرڪاري اعزاز طور شهيد جي جسدِ خاڪي کي سکر پوليس جي چاڪ چوبند دستي سلامي پيش ڪئي وئي، ۽ لاش کي پاڪستان ۽ سنڌ پوليس جي جهنڊي ۾ لپيٽيو ويو۔ڊي آءِ جي سکر رينج چيو ته امن جي بحالي لاءِ پنهنجون زندگيون قربان ڪندڙ پوليس آفيسر ۽ جوان اسان جو فخر آهن ۽ شهيد جي قرباني رائيگان نه ويندي۔ ايس ايس پي سکر چيو ته پوليس جا حوصلا بلند آهن ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن آخري ملزم جي گرفتاري تائين جاري رهندو۔ نماز جنازه کان پوءِ شهيد جو جسدِ خاڪي سندن آبائي ڳوٺ روانو ڪيو ويو جتي مڪمل سرڪاري اعزاز سان تدفين ڪئي وئي۔

پنھنجي راءِ لکو